Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سو جڏهن اوهين ڏاهپ سان قدم کڻندا تہ اوهان جي رستي ۾ ڪابہ رڪاوٽ نہ ايندي. هائو، ڀلي اوهين ڊوڙندا رهو تہ بہ ٿاٻو نہ کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جڏهن تون هلندين تڏهن تنهنجا قدم تنگ نہ ٿيندا؛ ۽ جي تون ڊوڙندين تہ ٿاٻو نہ کائيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو منهنجي قدمن کي ڪشاديءَ راهہ تي هلايو آهي، تنهنڪري ئي منهنجا پير ڪڏهن بہ نہ ٿاٻڙيا آهن.


جيڪي تنهنجي شريعت کي چاهين ٿا، تن لاءِ جھجھي سلامتي ۽ خوشحالي آهي. اهي ڪڏهن ڪو ٿاٻو بہ نہ کائيندا.


هاڻ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪين رهندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي قاعدن جو هميشہ طالبو آهيان.


تو منهنجي قدمن کي ڪشاديءَ راهہ تي هلايو آهي، تنهنڪري ئي منهنجا پير ڪڏهن بہ نہ ٿاٻڙيا آهن.


سو ڏاهپ سان ئي اوهين ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ کي بلڪ هر چڱي راهہ کي سمجھي سگھندا.


بلڪ اوهين بي‌خوف وَ خطر پنهنجي راهہ تي هلندا رهندا ۽ ڪڏهن بہ ٺوڪر نہ کائيندا.


جيڏانهن اوهين ويندا تہ انهن جون نصيحتون اوهان جي رهنمائي ڪنديون، جڏهن اوهين سمهندا تہ اهي اوهان جي نگهباني ڪنديون ۽ ڏينهن جو جڏهن اوهين جاڳيل هوندا تہ اهي اوهان کي سهڻيون صلاحون ڏينديون.


هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ