Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي نصيحتن کي ڌيان سان ٻڌندا ۽ انهن تي عمل ڪندا تہ اوهين ڊگھي ڄمار ماڻيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 اي منهنجا پٽ ٻڌ، ۽ منهنجون چوڻيون قبول ڪر؛ تہ تنهنجي عمر جا ورهيہ گهڻا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ سندس تعليم قبول ڪر، ۽ سندس ڳالهين کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رک.


صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ جيڪي ڳالهيون اوهان کي سيکاريان ٿو سي سکي وٺو. آءٌ جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان ٿو سو ڪڏهن بہ نہ وسارجو.


ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.


اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون.


مون کان نصيحت حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون ڳالهيون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهن، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ.


مون يرمياہ چيو تہ ”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو، سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو. اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي واءِ‌ويلا ڪرڻ سيکاريو،


انهيءَ لاءِ تہ جيستائين زمين جي مٿان آسمان قائم آهي، تيستائين اوهين ۽ اوهان جو اولاد انهيءَ ملڪ ۾ رهو، جيڪو اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ خدا جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن خدا جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان ايمان وارن تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ عيسيٰ مسيح گنهگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو گنهگار آءٌ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ