1 اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جي نصيحتن کي پورو ڌيان ڏيئي ٻڌو تہ جيئن اوهين سمجھہ حاصل ڪري سگھو.
1 اي منهنجا پٽ، پيءُ جي تعليم ٻڌو، ۽ سمجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيو:
اي مون يعقوب جا پٽؤ! اچو، گڏ ٿي ٻڌو، هائو، پنهنجي پيءُ اسرائيل ڏانهن ڪن ڏيو.
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان.
هنن نصيحتن مان پڙهندڙ ڏاهپ ۽ سٺي صلاح حاصل ڪندا ۽ اونهي معنيٰ واريون ڳالهيون سمجھي سگھندا.
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي والدين جي هدايت ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڏيو.
سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.
صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.
پنهنجو ڪن ڏيئي ڏاهن ماڻهن جا قول ٻڌو. هائو، منهنجي نصيحت کي پنهنجيءَ دل ۾ هنڊايو،
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڏاهپ وارين نصيحتن ڏانهن توجہ ڪريو ۽ ڌيان سان ٻڌو،
ڏاهپ کي پنهنجي ڀيڻ جيان سمجھو ۽ سمجھہ کي پنهنجو بهترين دوست ڪري ڄاڻو
سو اسان جي وڏي يهوناداب جن ڳالهين جو اسان کي حڪم ڏنو هو، تن تي عمل ڪندي اسان، اسان جي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن ڪڏهن بہ مئي نہ پيتي آهي،
تنهنڪري لازمي آهي تہ عيسيٰ بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.