بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.
”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“
تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“
انهيءَ وقت ئي مون اوهان جي ججن کي تاڪيد ڪندي چيو هو تہ ’اوهين پنهنجيءَ قوم جا مقدما ٻڌجو، پوءِ قوم واري جو معاملو پنهنجيءَ قوم واري سان هجي توڙي ڪنهن ڌارئي سان، پر اوهين انهن جو فيصلو انصاف سان ڪجو.
تو سچائيءَ سان محبت، ۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“