Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 31:6 - Muslim Sindhi Bible

6 شراب ۽ نشي واريون شيون رڳو انهن لاءِ مناسب آهن، جيڪي مرڻ وارا آهن يا جيڪي پريشان حال آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 نشي واري شيءِ انهيءَ کي پياريو جو مرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ شراب انهيءَ کي پياريو جو شڪستہ دل وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 31:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هوءَ انهيءَ ٽڪر تي خدا جي ٻانهي وٽ آئي تڏهن هوءَ ڪري پيئي ۽ سندس پيرن کان پڪڙيائين. جيحازي هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، پر انهيءَ خدا جي ٻانهي چيس تہ ”هن کي ڇڏي ڏي. هوءَ ڏاڍي ڏکايل آهي. خداوند مون کان اها ڳالهہ لڪائي آهي ۽ الائي ڇو مون کي نہ ٻڌائي اٿس.“


هائو، ڏک سهندي موت جي منهن مان بچي وڃڻ وارا بہ مون کي دعا ڪندا هئا، منهنجي مدد سان رنن‌زالن کي بي‌انتها خوشي حاصل ٿيندي هئي.


جيڪي مصيبت ۾ آهن تن کان حياتي ڇو نہ ٿي کسي وڃي؟ جيڪي زندگيءَ کان بيزار آهن تن کي اها ڇو ٿي ڏني وڃي؟


تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


ڀلي تہ اهي پيئن تہ جيئن کين پنهنجي تڪليفن ۽ مصيبتن جو احساس نہ ٿئي.


اي خداوند! آءٌ تہ ڪجھہ چئي بہ نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون سان هي سڀ تو ئي تہ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي حياتي زهر ٿي پيئي آهي، تنهن هوندي بہ مون کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.‘


معدي ۾ تڪليف ۽ اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري هاڻي رڳو پاڻي ئي نہ پيئندو ڪر، بلڪ ٿوري مئي بہ استعمال ڪندو ڪر.


جيئن تہ حنہ ڏاڍي ڏکويل هئي، سو زاروزار روئي خداوند کان دعا گھرڻ لڳي.


دائود کي ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجن وڃايل پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪري تمام ڏکويل هئا ۽ کيس سنگسار ڪري مارڻ پئي چاهيائون. پر دائود کي خداوند پنهنجي خدا همت عطا ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ