31 ۽ کيس سندس محنت جو اجر ڏنو وڃي. هوءَ هر ڪنهن جي نظر ۾ قابل احترام آهي.
31 هن کي سندس هٿن جو ڦل ڏي؛ ۽ سندس ڪم ڀلي تہ شهر جي دروازن ۾ کيس ساراهين.
تنهنجي هٿن جو پورهيو تو کي روزي مهيا ڪندو. تون سکيو رهندين ۽ هر دم تنهنجو ڀلو ٿيندو.
جيئن چڱا ميوا ڦلدار وڻ مان ملندا آهن، تيئن نيڪ ماڻهن جا عمل زندگي بخشين ٿا، مگر بڇڙائي حياتيون برباد ڪريو ڇڏي.
هوءَ سوچ ويچار ڪري ٻني خريد ڪري ٿي، ۽ پنهنجي هٿن جي ڪمائيءَ مان انگورن جو باغ لڳرائي ٿي.
سونهن ۽ مِٺو ڳالهائڻ بيبقا ۽ ٺڳيندڙ آهن، پر جيڪا عورت خداوند کان ڊڄي ٿي، تنهن جي تعريف ڪئي وڃي،
هي ڳالهيون دائود جي پٽ جون چيل آهن، جيڪو يروشلم جو بادشاهہ هو ۽ وڏو داناءُ هو.
اوهين انهن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا، ڇاڪاڻ تہ ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب.
تنهنڪري اوهين انهن نبي سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“
تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنونزالون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.
تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.
مريم کي منهنجا سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي.
ائين نہ آهي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران، پر آءٌ انهيءَ بخشش جو اوهان لاءِ اهڙو ڦل ٿو چاهيان جيڪو اوهان جي کاتي ۾ وڌندو رهي.
ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بيانصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.
پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي خداوند عيسيٰ جا ٿي ٿا مرن.‘“ پاڪ روح چوي ٿو تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“