29 ”گھڻيون ئي عورتون سٺيون زالون بہ آهن، پر تون سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهين.“
29 گهڻين ئي ڌيئرن نيڪي جا ڪم ڪيا آهن، پر تون سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهين.
هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بيعيب هجي.
هن جا ٻار سندس واکاڻ ٿا ڪن، ۽ سندس مڙس مٿس فخر ڪندي چويس ٿو تہ
سونهن ۽ مِٺو ڳالهائڻ بيبقا ۽ ٺڳيندڙ آهن، پر جيڪا عورت خداوند کان ڊڄي ٿي، تنهن جي تعريف ڪئي وڃي،
سو تون ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر. تون جيڪي چوندينءَ سو آءٌ ڪندس. منهنجا سڀ شهرواسي ڄاڻن ٿا تہ تون سٺي ڪردار واري عورت آهين.
نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بيشرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.