Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 31:27 - Muslim Sindhi Bible

27 هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي سٺي سار سنڀال ٿي ڪري، ۽ ڪڏهن بہ سُستي نہ ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 هوءَ پنهنجي گهر ٻار جي رستن ڏي نهاري ٿي، ۽ سستيءَ جي ماني نٿي کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 31:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.


تہ جيئن جوان عورتن کي اها سمجھہ ڏيئي سگھن تہ اهي پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن،


عقلمند عورت پنهنجو گھر آباد ٿي ڪري، مگر بي‌وقوف عورت پنهنجو گھر پاڻ برباد ڪريو ڇڏي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ ايمان واري کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب زندگي نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.


جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ امان واري زندگي گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو.


سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.


هن جا ٻار سندس واکاڻ ٿا ڪن، ۽ سندس مڙس مٿس فخر ڪندي چويس ٿو تہ


جيئن واپاري جهاز پري پري کان سٺو سامان آڻيندا آهن، تيئن ئي هوءَ پنهنجي گھر لاءِ کاڌو خوراڪ آڻي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ