Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 31:26 - Muslim Sindhi Bible

26 هوءَ ڏاهپ سان ڳالهائي ٿي ۽ سٺيون نصيحتون ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هوءَ ڏاهپ سان پنهنجو وات پٽي ٿي؛ ۽ مهربانيءَ جو قاعدو سندس زبان تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 31:26
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن راڻي آستر کي سندس ٻانهين ۽ خواجہ‌سرا خدمتگارن اچي مردڪئيءَ بابت ٻڌايو تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن مردڪئيءَ ڏانهن ڪپڙا موڪليا تہ هو کٿو لاهي اهي پائي، پر هن اهي ڪپڙا نہ ورتا.


جيڪڏهن شهنشاهہ مون تي مهر جي نظر ڪئي آهي ۽ شهنشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ گھري ٿو تہ سڀاڻي اوهين شهنشاهہ ۽ هامان مون وٽ ٻيهر دعوت کائڻ لاءِ اچو جيڪا آءٌ اوهان لاءِ تيار ڪنديس. پوءِ آءٌ شهنشاهہ سلامت آڏو پنهنجي خواهش بيان ڪنديس.“


سچارن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون نڪرنديون رهنديون، جڏهن تہ ڪوڙن جي زبان وڍي ويندي.


تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.


مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن.


مال ملڪيت تہ ابن ڏاڏن کان ميراث ۾ ٿي ملي، پر سياڻي زال خداوند جي طرفان ئي تحفو آهي.


جيڪي تحمل ۽ نرم زبانيءَ سان ٿا ڳالهائين، سي هر مخالفت کي ڦيرائي سگھن ٿا، بلڪ حاڪم کي بہ مطمئن ڪري سگھن ٿا.


هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي سٺي سار سنڀال ٿي ڪري، ۽ ڪڏهن بہ سُستي نہ ٿي ڪري.


اي محبوبہ! تون انهيءَ ڪبوتريءَ جهڙي آهين، جيڪا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٿي. مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، مون کي پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو آواز ڏاڍو مٺڙو آهي، ۽ تنهنجو چهرو ڏاڍو پيارو آهي.


اي منهنجي محبوبہ! تنهنجا چپ ماکيءَ جهڙا مٺا آهن، تنهنجي چمين سان مون کي ماکيءَ ۽ کير جهڙي لذت ٿي ملي. تنهنجي ڪپڙن جي خوشبوءِ، لبنان جي عطر جهڙي آهي.


سچائيءَ جي تعليم سندن زبان تي هئي ۽ سندن واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. هو منهنجي واٽن تي صلح ۽ سچائيءَ سان هليا ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرائي آندائون.


تڏهن مريم چيس تہ ”آءٌ خداوند جي ٻانهي آهيان، سو شل ائين ئي ٿئي جيئن اوهان چيو آهي.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس هليو ويو.


هو يهودين جي عبادت‌خاني ۾ بي‌ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت خدا واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.


تڏهن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن ملائڪ جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.


اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.


جن اڃا ايمان نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو.


اي زالون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن مڙسن جون تابعدار رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت پيغام کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان زالن جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي خدا جو خوف ڪندي ۽ پاڪيزہ هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي خدا ڏانهن ڇڪجي اچن.


پر سندس زال چيس تہ ”جيڪڏهن خدا اسان کي مارڻ گھري ها تہ هيءَ ساڙڻ واري قرباني ۽ اناج جي قرباني اسان جي هٿان قبول نہ ڪري ها ۽ نہ هي سڀڪجھہ اسان کي ڏيکاري ها، نڪي وري هن وقت ههڙيون ڳالهيون اسان کي ٻڌائي ها.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ