24 هوءَ عمدي سڻيءَ جون چادرون ۽ ڪمربند ٺاهي ٿي، ۽ اهي واپارين کي وڪڻي ٿي.
24 هوءَ ڪتاني ڪپڙا جوڙي وڪڻي ٿي؛ ۽ سوداگر کي ڪمربند ڏئي ٿي.
سليمان وٽ جيڪي گھوڙا هئا سي مصر ۽ ڪيوُ ملڪ مان گھرايا ويا هئا. شاهي سوداگر اُهي ڪيوُ مان مقرر ڪيل قيمت تي خريد ڪندا هئا.
هوءَ اُن ۽ عمدي سڻيءَ جا ڪپڙا، خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان پاڻ ٺاهي ٿي.
جيئن واپاري جهاز پري پري کان سٺو سامان آڻيندا آهن، تيئن ئي هوءَ پنهنجي گھر لاءِ کاڌو خوراڪ آڻي ٿي.
هوءَ پنهنجي هٿن سان ڌاڳو ڪَتي ٿي، ۽ پنهنجي گھر لاءِ ڪپڙو اُڻي تيار ڪري ٿي.
هوءَ ڪردار جي مضبوط ۽ قابل احترام آهي، ۽ ايندڙ وقت لاءِ کيس ڪا ڳڻتي ڪانهي.
تو وٽ دستڪاريءَ جو بہ واپار گھڻو ٿيندو هو. تنهنڪري ادوم وارا تو وٽ زمرد، واڱڻائي ڪپڙو، چڪندوزي ڪم، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، مرجان ۽ لعل آڻيندا هئا.
عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.
سمسون انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي هڪڙي ڳجھارت ٿو ڏيان. جيڪڏهن اوهين اها دعوت وارن ستن ڏينهن جي اندر ڀڃي ويا تہ آءٌ اوهان کي ٽيهہ عمدي سڻيءَ جون پوشاڪون ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏيندس.