Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 31:23 - Muslim Sindhi Bible

23 هن جو مڙس مقبول ۽ معزز اڳواڻ بڻجي ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 سندس مڙس شهر جي دروازن تي سڃاتل آهي، جو هو اتي ملڪ جي بزرگن منجهہ ويهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 31:23
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن آءٌ شهر جي دروازي وٽ اڳواڻن جي مجلس ۾ ويهڻ لاءِ پنهنجي مسند ڏانهن ويندو هئس،


نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بي‌شرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.


ڏاهپ واريون ڳالهيون بي‌وقوفن جي سمجھہ کان گھڻو مٿي آهن. اهم معاملن بابت صلاح مشوري وقت هو ڪا سٺي صلاح نہ ٿا ڏيئي سگھن.


”اوهين پنهنجن سڀني شهرن ۾، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبيلن مطابق اوهان کي ڏيندو، جج ۽ حاڪم مقرر ڪجو. اهي ماڻهن ۾ بي‌ريائيءَ سان عدالت ڪن.


تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ کيس پڪڙي ٻاهر شهر جي دروازي تي، انهيءَ شهر جي اڳواڻن وٽ وٺي اچن.


انهيءَ کان پوءِ بوعز شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ وڃي ويٺو. جڏهن نعوميہ جي مڙس اِليملڪ جو وڌيڪ ويجھو مائٽ، جنهن جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اتان اچي لنگھيو تہ بوعز کيس سڏي چيو تہ ”اي فلاڻا! هيڏانهن اچ ۽ هتي اچي ويهہ.“ سو هو اچي وٽس ويٺو.


تڏهن اڳواڻن ۽ شهر جي دروازي وٽ موجود ٻين ماڻهن چيو تہ ”اسين شاهد آهيون. شل انهيءَ عورت کي جيڪا تنهنجي گھر ٿي اچي، هائو، انهيءَ کي خداوند شل يعقوب جي زالن راخل ۽ لياہ جهڙو ڪري، جن ٻنهي بني اسرائيل جو نسل وڌايو. شل تون افراتي گھراڻي ۾ خوشحال ٿئين، ۽ بيت‌لحم ۾ تنهنجو نالو ٿئي.


پوءِ بوعز شهر جي اڳواڻن مان ڏهن ڄڻن کي سڏائي کين چيو تہ ”اوهين بہ هتي اچي ويهو.“ سو هو بہ اتي ويهي رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ