Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 31:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي غريبن ۽ محتاجن جي پوري پوري مدد ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هوءَ پنهنجو هٿ غريبن ڏي ڊگهيري ٿي: هائو هوءَ پنهنجا هٿ اڳي ڪري محتاجن کي ڏئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 31:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو.


خداوند سندن حفاظت ڪندو ۽ حياتي بچائيندو. هو کين سندن ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندو، ۽ سندن دشمنن جي مرضيءَ تي کين هرگز نہ ڇڏيندو.


آءٌ اوهان کي سڏي رهي آهيان. هائو، آءٌ اوهان کي اچڻ جي دعوت ڏيئي رهي آهيان. پر اوهين ٻڌو ئي ڪونہ ٿا، نڪي مون ڏانهن ڪو ڌيان ٿا ڏيو.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


جيڪو سخي آهي ۽ پنهنجي کاڌي مان غريبن کي ڏئي ٿو، تنهن کي خداوند برڪت عطا ٿو ڪري.


هوءَ پنهنجي هٿن سان ڌاڳو ڪَتي ٿي، ۽ پنهنجي گھر لاءِ ڪپڙو اُڻي تيار ڪري ٿي.


غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس.


پر بني اسرائيل بابت خدا فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“


مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهمان‌نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.


جيئن تہ ملڪ ۾ غريب تہ سدائين هوندا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي غريب ۽ محتاج هم‌قوم لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو رکجو.“


ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل برڪتن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙيون قربانيون خدا کي پسند آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ