13 هوءَ اُن ۽ عمدي سڻيءَ جا ڪپڙا، خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان پاڻ ٺاهي ٿي.
13 هوءَ اُن ۽ سڻي ٿي ڳولي، ۽ خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان ڪم ڪري ٿي.
تہ اتي مديان جي مذهبي اڳواڻ يٿرو جون ست ئي ڌيئرون آيون. اهي کوهہ مان پاڻي ڪڍي ڪونارين کي ڀرڻ لڳيون تہ جيئن پنهنجي پيءُ جي ڌڻ کي پاڻي پيئارين.
هوءَ هر وقت ساڻس چڱائي ٿي ڪري، مندائي هرگز نہ ٿي ڪري.
جيئن واپاري جهاز پري پري کان سٺو سامان آڻيندا آهن، تيئن ئي هوءَ پنهنجي گھر لاءِ کاڌو خوراڪ آڻي ٿي.
جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ امان واري زندگي گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو.
اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهماننوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.
تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنونزالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.
سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.
سو رُوت بوعز جي نوڪرياڻين سان گڏ تيستائين سنگ چونڊڻ لاءِ ويندي رهي جيستائين جوَن ۽ ڪڻڪ جا لابارا نہ لٿا ۽ هوءَ پنهنجي سس سان گڏ گذاريندي رهي.