Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 31:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ڪنهن قابل زال جو ملڻ ڪيڏو نہ مشڪل آهي! هائو، اها هيرن جواهرن کان بہ وڌيڪ املهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 نيڪ زال ڪير لهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو ان جي قيمت لعلن کان بہ گهڻو مٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 31:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سان گڏ مرجان ۽ بلور جو ذڪر بہ نہ ٿو ڪري سگھجي. هائو، ڏاهپ جي ٿيلهي هيرن جواهرن جي ٿيلهيءَ کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي.


نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بي‌شرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.


عقلمند عورت پنهنجو گھر آباد ٿي ڪري، مگر بي‌وقوف عورت پنهنجو گھر پاڻ برباد ڪريو ڇڏي.


نيڪ زال ڪنهن ڀاڳ واري کي ملي ٿي، ۽ انهيءَ ۾ خداوند جي رضامندي آهي.


مال ملڪيت تہ ابن ڏاڏن کان ميراث ۾ ٿي ملي، پر سياڻي زال خداوند جي طرفان ئي تحفو آهي.


بيشڪ سون ۽ هيرا جواهر قيمتي آهن، مگر ڏاهپ واريون ڳالهيون انهن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن.


ڏاهپ هيرن جواهرن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي. اوهين جن بہ شين جي خواهش رکو ٿا، سي سڀ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجھہ بہ نہ آهن.


سندس مڙس جو مٿس پورو پورو اعتبار ٿئي ٿو، ۽ سندس مڙس جي ڪابہ گھرج باقي نہ ٿي رهي.


بيشڪ آءٌ هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهيان، بلڪ اهي سڀ شيون جيڪي اوهان کي بيحد خوشي ڏين ٿيون، سي بہ مون آڏو ڪين جهڙيون آهن.


آءٌ دل وَ جان سان ڳولا ڪندو رهيس، پر ڪجھہ بہ حاصل ڪري نہ سگھيس. تنهن هوندي بہ جيئن چوڻي آهي تہ ”هزار ماڻهن ۾ رڳو هڪڙو نيڪ ماڻهو ملي ٿو، پر انهن ۾ عورت هڪڙي بہ ڪانہ آهي،“


سو تون ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر. تون جيڪي چوندينءَ سو آءٌ ڪندس. منهنجا سڀ شهرواسي ڄاڻن ٿا تہ تون سٺي ڪردار واري عورت آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ