7 اي خداوند! آءٌ تو کي ٻہ عرض ٿو ڪريان جيڪي منهنجي مرڻ کان اڳ تون قبول ڪر.
7 مون تو کان ٻہ شيون گهريون آهن، منهنجي مرڻ کان اڳي انهن جي مون کي ڏيڻ کان انڪار نہ ڪر.
جڏهن هو ٽپي هُن ڀر ٿيا تڏهن الياس اليشع کي چيو تہ ”انهيءَ کان اڳ جو آءٌ تو وٽان مٿي کنيو وڃان، ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان.“ اليشع وراڻيس تہ ”مون کي پنهنجي روحانيت جي ٻن حصن جو وارث ڪريو.“
تو ئي تہ هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي. هن جي زبان جو ڪو عرض تو رد نہ ڪيو آهي.
آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.
جيڪي ڪجھہ هن فرمايو آهي تنهن ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ ڪريو، متان هو اوهان کي ڇينڀي ۽ اوهين ڪوڙا ثابت ٿيو.
هڪڙو تہ ڪوڙ ۽ فريب کي مون کان پاسي ڪر. ٻيو تہ مون کي نہ گھڻو غريب بڻاءِ ۽ نہ گھڻو دولتمند، بس مون کي منهنجي ضرورت آهر کاڌو عطا فرماءِ.
جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“