5 خدا جو هر هڪ قول سچو ثابت ٿئي ٿو. جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا تن جي هو حفاظت ڪري ٿو.
5 خدا جو هر هڪ لفظ آزمايل آهي، جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي لاءِ هو ڍال آهي.
تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“
بيشڪ خدا جي راهہ ڪيڏي نہ ڪامل آهي! ۽ خداوند جو فرمان ڪيڏو نہ پرکيل آهي! جيڪي هن جي پناهہ ۾ اچن ٿا تن سڀني کي هو بچائي ٿو.
تنهنجو واعدو بلڪل سچو آهي، تنهنڪري تنهنجو هي بندو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو.
خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي.
هو مون تي ٻاجھہ ڪندڙ ۽ منهنجو ڇڏائڻ وارو آهي. هو منهنجو قلعو، بلڪ مضبوط قلعو آهي. هو ئي منهنجو بچاءُ ۽ منهنجي جاءِپناهہ آهي. هو ئي ٻين قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.
خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِپناهہ آهي.
ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو خدا بہ آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟
خداوند جا قاعدا سچا آهن، جيڪي دل کي خوشيون ٿا ڏين. هن جا حڪم حق وارا آهن، جيڪي اکين کي روشن ٿا ڪن.
پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.
انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.
خداوند کي اوهين هيئن چئو تہ ”اي اسان جي پناهہ ۽ اسان جا قلعا! تون ئي اسان جو خدا آهين جنهن تي اسان کي ڀروسو آهي.“
جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي.
بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو.
هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچا ۽ چڱا آهن،
پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري.