Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڪير آسمان تي چڙهيو آهي ۽ لٿو اهي؟ ڪنهن پنهنجن مٺين ۾ واءُ گڏ ڪيو آهي؟ ڪنهن پنهنجي ڪپڙي ۾ پاڻين کي ٻڌو آهي؟ ڪنهن ڌرتيءَ جا سڀ ڪنارا قائم ڪيا آهن؟ جي خبر هجيئي تہ ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ ۽ انهي جي پٽ جو نالو ڇا آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:4
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ هن چيس تہ ”تون مون کان منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟“ پوءِ هن اتي يعقوب کي برڪت ڏني.


ڇا تون خدا جي ڳجھين ڳالهين کي سمجھي ٿو سگھين؟ ڇا تون قادرِمطلق جي راز کي معلوم ڪري ٿو سگھين؟


هرگز نہ، اهي ڳالهيون آسمان کان بہ مٿاهيون آهن، تون انهن کي ڇا سمجھي سگھندين؟ اهي تہ پاتال کان بہ اونهيون آهن، تون انهن کي ڇا ڄاڻي سگھندين؟


اهو خدا ئي آهي جيڪو ڪڪرن کي پاڻيءَ سان ڀري ٿو ڇڏي، ۽ اهي پاڻيءَ جي وزن کان ڦاٽي نہ ٿا پون.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”خداوند جيڪو واعدو مون سان ڪيو آهي، سو آءٌ پڌرو ٿو ڪريان تہ ’اي بادشاهہ! تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ کان آءٌ تو کي پنهنجو پٽ ٿو بڻايان.


سڄو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهس ڦرندو. هائو، سڀيئي قومون انهيءَ جي آڏو سجدو ڪنديون.


هن سمنڊن جي تري تائين زمين جو بنياد رکيو آهي، بيشڪ هن انهيءَ کي بحرن جي مٿان قائم ڪيو آهي.


هو بلند جبل تي چڙهي آيو، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي آيو. هن ماڻهن کان خراج ورتو آهي، بلڪ انهن فسادين کان بہ ورتو اٿائين، جن نہ ٿي چاهيو تہ خداوند خدا اُتي رهي.


تڏهن اي خداوند! تو پنهنجو واءُ گھُلايو تہ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو. اهي زور واري پاڻيءَ اندر شيهي وانگر غرق ٿي ويا.


جڏهن مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادرِمطلق ڪري ڄاڻيندا هئا. مون پنهنجو نالو ’خداوند‘ مٿن ظاهر نہ ڪيو هو.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


هن کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ مٿس سزا جي فتويٰ مڙهي کيس مارڻ لاءِ نيو ويو. هن جي انجام جي ڪنهن بہ پرواهہ نہ ڪئي. کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو. هائو، هو اسان جي گناهن جي ڪري قتل ڪيو ويو.


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ ’خداوند اسان سان سچو آهي.‘“


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پيءُ ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.


جڏهن تہ جيڪو ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آسمان تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي.


جيڪڏهن اوهان هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا ۽ انهيءَ جلالي ۽ هيبتناڪ نالي يعني خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندا نہ رهندا،


اهو مٿي آسمان ۾ تہ ڪونهي، جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ آسمان تي چڙهي ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘


هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.


خداوند جي ملائڪ وراڻيس تہ ”تون منهنجو نالو نہ پڇين تہ چڱو، ڇو تہ منهنجو نالو نهايت حيرت انگيز آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ