Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ببر شينهن، جيڪو جانورن ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهي، ۽ جيڪو ڪنهن کان ڊڄي ڀڄڻ وارو ناهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 شينهن، جو جانورن ۾ تمام زور وارو آهي، ۽ ڪنهن بہ شيءِ ڪري منهن ڦيرڻ وارو ناهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:30
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سائول ۽ يونتن ڏاڍا وڻندڙ ۽ پيارا هئا، جيئري توڙي مرندي اهي هڪٻئي کان جدا ڪين ٿيا. هو عقابن کان تيز ۽ شينهن کان وڌ طاقتور هئا.


چار ساهوارا اهڙا آهن، جن جو هلڻ شاندار ۽ چال سهڻي آهي.


آڪڙجي هلندڙ ڪڪڙ، پهاڙي ٻڪر ۽ اهو بادشاهہ، جيڪو پنهنجي لشڪر جو پاڻ سرواڻ هجي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مصر جي بادشاهہ لاءِ تون هي مرثيو پڙهندي منهنجي طرفان کيس پيغام ڏي تہ ’اي فرعون! تون پنهنجو پاڻ کي قومن منجھہ هڪڙي شينهن مثل ٿو سمجھين، پر تون نيل نديءَ جي هڪڙي اجگر بلا مثل آهين، جيڪا ندين ۾ پيئي ٿاڦوڙا هڻي. تون ندين جي پاڻيءَ کي پيرن سان ولوڙي ميرو ٿو ڪرين.


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


ڏس، بني اسرائيل زورآور شينهڻ جيان اُٿي کڙا ٿيا آهن، اهڙي شينهڻ جيان جيڪا تيستائين آرام نہ ٿي ڪري جيستائين شڪار کي نہ ٿي ڳڙڪائي ۽ انهيءَ جو رت نہ ٿي پيئي.“


ستين ڏينهن سج لهڻ کان اڳي شهر جي ماڻهن سمسون کي وڃي چيو تہ ”ماکيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي بہ مٺي شيءِ آهي ڇا؟ شينهن کان وڌيڪ زورآور ڪو ٻيو بہ آهي ڇا؟“ تنهن تي سمسون کين وراڻيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ ڪاهيو ها، تہ اوهين منهنجي ڳجھارت هرگز نہ ڀڃي سگھو ها.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ