Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يقيناً آءٌ انسان نہ پر جھنگلي حيوان جيان آهيان، جنهن ۾ ڪا انساني سمجھہ بلڪل آهي ئي ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 يقيناً آءٌ ٻين ماڻهن کان زيادہ جهنگلي آهيان، ۽ انسان جهڙي سمجهہ ڪانہ اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ هو ڏسي ٿو تہ نہ رڳو جاهل ۽ بي‌وقوف ئي فنا ٿيو ٿا وڃن، بلڪ جيڪي داناءَ آهن سي بہ مريو ٿا وڃن، ۽ هر ڪو پنهنجي دولت ٻين جي لاءِ ڇڏيو ٿو وڃي.


جيئن جانور کي ڪا سمجھہ ڪانهي، تيئن آءٌ ان وقت تنهنجي اڳيان بي‌عقل هئس.


هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بي‌وقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ


جيڪو سمجھہ ۾ وڌڻ چاهي ٿو، سو خوشيءَ سان سيکت کي قبول ڪندو. مگر جيڪو سيکت کان نفرت ٿو ڪري، سو بي‌وقوف آهي.


هي اجور ولد ياقہ جون علمي ڳالهيون آهن، جيڪي هو خدا جي باري ۾ ڪري چوي ٿو تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪين! نہ، خدا ڪونهي! مون کي ڪا ڳالهہ سمجھہ ۾ ئي نہ ٿي اچي.


”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو دنيا جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس بي‌وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ هو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ