چوڻيون 30:17 - Muslim Sindhi Bible17 جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘