Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هڪڙي قبر، ٻيو سنڍ زال جو پيٽ، ٽين اڃايل زمين ۽ چوٿين اهڙي ڀڙڪندڙ باهہ جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 قبر؛ ۽ سنڍ زال جو پيٽ؛ زمين، جا پاڻي سان ڍاپي ئي نٿي؛ ۽ باهہ جا ڪڏهن بہ نٿي چوي تہ بس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:16
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب مان هن کي ٻار نہ ٿو ٿئي تڏهن هوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ کان سڙڻ لڳي. سو هن يعقوب کي چيو تہ ”مون کي بہ اولاد ڏي نہ تہ آءٌ مري وينديس.“


جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.


لالچ رت چوسيندڙ ڄوَر جي ٻن ڌيئرن مثل آهي، جن مان هر ڪا چوي ٿي تہ ”مون کي ڏي، مون کي ڏي.“ چار شيون اهڙيون آهن جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿيون ڍاپجن، هائو، اهي ڪڏهن بہ نہ ٿيون چون تہ ”مون ڍءُ ڪيو“:


سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.


سچ پچ بڇڙا ماڻهو مئي جيان ٺڳين ٿا، اهي هٺيلا آهن ۽ ٽِڪاڻو تہ اٿن ئي ڪونہ. اهي ايترا ئي حريص آهن جيترو موت، هائو، موت وانگر سندن ڍءُ ئي نہ ٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هو سڀني قومن کي پنهنجي گھيري هيٺ ٿا آڻين، ۽ سڀني ماڻهن کي قيدي ٿا بڻائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ