Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:15 - Muslim Sindhi Bible

15 لالچ رت چوسيندڙ ڄوَر جي ٻن ڌيئرن مثل آهي، جن مان هر ڪا چوي ٿي تہ ”مون کي ڏي، مون کي ڏي.“ چار شيون اهڙيون آهن جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿيون ڍاپجن، هائو، اهي ڪڏهن بہ نہ ٿيون چون تہ ”مون ڍءُ ڪيو“:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 چور کي ٻہ ڌيئرون آهن جي پڪاري پيون چون تہ ڏي ڏي. ٽي شيون آهن جي ڍاپڻ جون ئي ناهن، بلڪ چار آهن جي ڪڏهن بہ نہ ٿيون چون تہ هاڻ بس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:15
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي ايترا تہ چيريندڙ ڦاڙيندڙ حيوان آهن، جو اهي غريبن ۽ بي‌گھر ماڻهن کي بہ ڳڙڪايو ڇڏين.


هڪڙي قبر، ٻيو سنڍ زال جو پيٽ، ٽين اڃايل زمين ۽ چوٿين اهڙي ڀڙڪندڙ باهہ جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.


چار واقعا اهڙا آهن جيڪي برداشت کان ٻاهر آهن. انهن جي ٻڌڻ سان انسان جي پيرن هيٺان زمين نڪريو وڃي:


چار جاندار شيون اهڙيون آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي آهن تہ ننڍڙي ۾ ننڍڙيون، مگر وڌ ۾ وڌ عقلمند آهن:


چار ساهوارا اهڙا آهن، جن جو هلڻ شاندار ۽ چال سهڻي آهي.


ماڻهن جا ڇهہ بلڪ ست اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم آهن جن کان خداوند کي نفرت آهي:


خداوند بت‌پرستن کي فرمائي ٿو تہ ”اي گنهگارؤ! اوهين جادوگرن جو اولاد، ۽ زناڪارن ۽ ڪسب ڪندڙن جو نسل آهيو. هاڻي اوهين عدالت ۾ اچي صفائي ڏيو تہ


اهي مئي خوريءَ ۾ مست ٿي زناڪاريءَ ۾ مشغول ٿي ويا آهن، اهي پنهنجي عزت بدران خواريءَ کي پسند ٿا ڪن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.


ارام وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”دمشق شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن جِلعاد شهر وارن کي ڳاهڻ وارن لوهي اوزارن سان ڳاهي ڇڏيو آهي.


فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو.


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ