Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي ايترا تہ چيريندڙ ڦاڙيندڙ حيوان آهن، جو اهي غريبن ۽ بي‌گھر ماڻهن کي بہ ڳڙڪايو ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڪا پيڙهي اهڙي آهي جنهن جا ڏند ترارين جهڙا آهن، ۽ جنهن جون ڏاٺون ڪاتين جهڙيون آهن، انهي لاءِ تہ غريبن کي زمين تان، ۽ محتاجن کي ماڻهن منجهان ڳڙڪائي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:14
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪار ماڻهن جي ڏندن مان آءٌ شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هئس، هائو، بدڪارن جون ڄاڙيون ڀڃي، تن کان ستايلن کي ڇڏائيندو هئس.“


ان جون ڄاڙيون بي‌شمار دهشتناڪ ڏندن سان ڀريل آهن، اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو انهن ڄاڙين کي کولي سگھي.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


شال خداوند سڳورو هجي! جنهن اسان کي مخالفن جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا انهن سڀني بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کايو وڃن جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خداوند جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“


اُٿ اي خداوند، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.


تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.


آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.


اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي.


اي خدا! تون انهن وحشي بگھڙن جي وات منجھہ ئي انهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ. هائو، اي خداوند! تون انهن جون ڏاٺون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪر.


تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.


جيڪو پنهنجي لالچ جي ڪري دولتمند کي تحفا ٿو ڏئي، يا وري پنهنجي فائدي واسطي غريب تي ظلم ٿو ڪري، سو ضرور ڪنگال ٿو ٿئي.


غريبيءَ مان جيڪو حڪمران ٿئي ۽ پوءِ بہ غريبن تي ظلم ڪري، سو انهيءَ طوفاني برسات وانگر آهي، جيڪا فصل ۾ اناج جو داڻو ئي نہ ٿي ڇڏي.


لالچ رت چوسيندڙ ڄوَر جي ٻن ڌيئرن مثل آهي، جن مان هر ڪا چوي ٿي تہ ”مون کي ڏي، مون کي ڏي.“ چار شيون اهڙيون آهن جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿيون ڍاپجن، هائو، اهي ڪڏهن بہ نہ ٿيون چون تہ ”مون ڍءُ ڪيو“:


تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.


انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رنن‌زالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.


خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.


آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“


جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تان‌تہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.


ڏس، اي يروشلم! بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي طاقت آهر تو منجھہ رت وهائڻ ۾ مشغول آهن.


اوهين رڍن ٻڪرين جو کير تہ پيئو ٿا، انهن جي اُن مان پنهنجا ڪپڙا تہ ٺاهيو ٿا ۽ انهن مان ٿلهيون متاريون رڍون ٻڪريون کائڻ لاءِ تہ ڪُهو ٿا. پر ڌڻ جي سنڀال نہ ٿا ڪريو.


اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي پيا ڪن.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


اي اوهين! جيڪي محتاجن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ملڪ جي غريبن کي ناس ٿا ڪريو، سي ٻڌو.


جڏهن انهيءَ جو لشڪر اسان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي جيان نڪري آيو هو، هائو، اهي اهڙا سرها ٿي لڳا، جو ڄڻ تہ لڪي ويل مسڪينن کي ڳهي وڃڻ وارا هجن، تڏهن تو انهيءَ جي سپهہ‌سالار کي سندس ئي تيرن سان چيري ڇڏيو هو.


انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن، ۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن، جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


انهيءَ کي عورتن جي وارن جهڙا وار هئا ۽ ڏند شينهن جي ڏندن جهڙا هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ