Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 30:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ڪنهن بہ نوڪر جي گلا سندس مالڪ جي آڏو نہ ڪريو، ائين نہ ٿئي جو اهو نوڪر اوهان کي پٽ پاراتو ڏئي، ۽ اوهان تي ڪا مصيبت اچي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڪنهن بہ نوڪر جي گلا سندس ڌڻي وٽ نہ ڪر، تہ متان هو توکي پٽي ۽ تون ڏوهاري ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 30:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


جيڪو اناج لڪائي مهانگو ڪري ٿو وڪڻي، تنهن کي ماڻهو پٽ پاراتا ڏيندا. مگر جيڪو اهو مناسب قيمت تي وڪڻي ٿو، تنهن کي ماڻهو دعائون ڪندا.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي سو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو، مگر جيڪو سندن ضرورتن کان چشم‌پوشي ٿو ڪري، تنهن تي گھڻي ملامت ڪئي ويندي.


ماڻهو جيڪي ڳالهيون ڪندا پيا وتن، تن سڀني ڏانهن بہ اوهين ڌيان نہ ڏيو. ائين نہ ٿئي جو اوهان کي پنهنجي نوڪر واتان اوهان جي باري ۾ بي‌عزتيءَ وارا لفظ ٻڌڻ ۾ اچن.


تڏهن هنن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”اي بادشاهہ! اهو دانيال جيڪو يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندلن مان آهي، سو نہ اوهان جي پرواهہ ٿو رکي نہ وري اوهان جي صحيح ڪيل حڪم جي، بلڪ هو ڏينهن ۾ ٽي دفعا پنهنجي معبود کان دعا گھري ٿو.“


پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.


سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو.


خبردار، متان اوهان جي دل ۾ اهڙو بد خيال پيدا ٿئي تہ ستون سال، يعني معافيءَ وارو سال ويجھو آهي، سو اوهان جي نيت اوهان جي غريب هم‌قوم ڏانهن خراب ٿئي ۽ اوهين کيس ڪجھہ بہ نہ ڏيو. پوءِ هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اوهان جي لاءِ اهو گناهہ قرار ڏنو وڃي.


”جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي اوهان وٽ اچي پناهہ وٺي تہ انهيءَ کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪجو،


۽ چيائينس تہ ”توهين انهن ماڻهن جي ڳالهہ ڇو ٿا ٻڌو، جيڪي چون ٿا تہ ’دائود توهان کي نقصان پهچائڻ ٿو گھري‘؟


سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘


تڏهن دائود چيس تہ ”تون مون کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”خدا جو قسم کڻي واعدو ڪر، تہ تون مون کي نہ قتل ڪندين ۽ نہ مون کي منهنجي مالڪ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ تو کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ