Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پنهنجي هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهين خداوند کي ياد رکو. اهو ئي اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:6
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


عزرا چيو تہ ”خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جي تعريف هجي، جنهن شهنشاهہ جي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گھر آهي، تنهن جي تعظيم ٿئي.


تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.


تنهن تي بادشاهہ مون کي چيو تہ ”تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ تڏهن مون عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري


سو منهنجي خدا منهنجي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ اميرن، اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪريان، تہ جيئن گھراڻن موجب سندن فهرست تيار ڪئي وڃي. سو جيڪي سڀ کان پهريائين موٽيا هئا، تن جي نسب‌نامي جو ڪتاب مون کي ملي ويو، جنهن ۾ هي لکيل هو.


تو خداوند مون کي فرمايو تہ ”آءٌ تنهنجي رهنمائي ڪندس، ۽ تو کي هلڻ جو رستو ڏيکاريندس. آءٌ تو کي صلاح ڏيندو رهندس، منهنجي نظر تنهنجي مٿان ئي رهندي.


نيڪ ماڻهن جي ايمانداري سڌي راهہ ڏيکاري ٿي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري برباديءَ جي کڏ ۾ وڃيو ڪرن.


پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا.


انسان پنهنجي لاءِ هڪڙي راهہ سوچي ٿو، مگر سندس هر قدم خداوند جي وس ۾ آهي.


گنهگارن کي ڏسي مٿن ريس نہ ڪريو، بلڪ هميشہ خداوند کان ڊڄندا رهو.


سچارن جي رستي ۾ ڪو کڏو کوٻو ڪونهي، هائو، اي خداوند! تون ئي سندن رستو سنئون سڌو بڻائين ٿو.


هائو، جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي مڙڻ چاهيندا، تہ اوهان کي پنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ”سڌو رستو هي آهي، اوهين انهيءَ تي هلو.“


مون پنهنجي سچائيءَ موجب ئي خورس کي اٿاري کڙو ڪيو آهي. آءٌ هن جا سڀ رستا سنواريندس. هو منهنجي شهر يروشلم کي وري تعمير ڪرائيندو، ۽ منهنجي قوم جي جلاوطن ٿيلن کي ڪنهن قيمت يا رشوت کان سواءِ ئي ڇڏائيندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


”اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جو پاڪ معبود ۽ بچائيندڙ آهيان. هائو، آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو اوهان کي فائديمند ڳالهيون ٿو سيکاريان، ۽ اوهان کي انهيءَ راهہ تي هلڻ جي هدايت ٿو ڪريان، جنهن تي اوهان کي هلڻ گھرجي.


اي خدواند! مون کي خبر آهي تہ انسان جو رستو سندس وس ۾ ناهي. اهو سندس اختيار ۾ ناهي تہ جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پنهنجيون وکون کڻي.


سو اوهين دعا گھرو تہ خداوند خدا اسان جي رهنمائي ڪري تہ اسين ڪيڏانهن وڃون ۽ ڇا ڪريون.“


ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان چند ڏينهن بيهندو هو. بهرحال هو خداوند جي حڪم موجب ئي منزل ڪري ويهندا هئا ۽ انهيءَ جي ئي حڪم موجب منزل کڻي هلندا هئا.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


دائود خداوند کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ انهيءَ لشڪر جو پيڇو ڪريان تہ انهيءَ کي پهچي سگھندس يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”پيڇو ڪر، تون ضرور انهن کي وڃي پهچندين ۽ کانئن سڀ ڪجھہ ڇڏائي وٺندين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ