Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ائين ڪرڻ سان ئي اوهين خدا ۽ ماڻهن جي نظر ۾ مقبوليت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ ماڻهوءَ جي نظر ۾ قبوليت ۽ چڱي سمجهہ حاصل ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند يوسف سان هو. هن يوسف تي ٻاجھہ ڪئي ۽ جيلر کي مٿس مهربان ڪيائين.


خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


نيڪ ماڻهن تي خداوند جي رضامندي آهي، مگر برا منصوبا بڻائڻ وارن کي هو ڏوهاري ٿو قرار ڏئي.


گھڻي سمجھہ انسان کي ٻين ۾ عزت وارو ٿي بڻائي، مگر دغابازن واري راهہ ۾ تباهي وَ بربادي آهي.


انهيءَ سبب جو جيڪو مون کي ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجي حياتي ٿو حاصل ڪري. بيشڪ اهو ئي خداوند جو فضل حاصل ڪندو.


خدا محل جي داروغي جي دل ۾ دانيال لاءِ رحم ۽ همدردي وجھي ڇڏي.


عيسيٰ جسم توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس خدا ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو.


هو خدا جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. خداوند عيسيٰ ڏينهون ڏينهن ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جي جماعت ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.


سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، اهو خدا کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي.


اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي.


خداوند حنہ تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي ۽ کيس ٽي وڌيڪ پٽ ۽ ٻہ ڌيئر ڄايون. ڇوڪرو سموئيل بہ خداوند جي خدمت ڪندي وڏو ٿيندو ويو.


هوڏانهن سموئيل ڇوڪرو وڌندو رهيو. خداوند توڙي انسان ٻئي کيس پسند ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ