Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:34 - Muslim Sindhi Bible

34 جيڪي ٻين کي حقير سمجھن ٿا تن کي خدا حقير ٿو بڻائي، پر نهٺن ماڻهن تي هو فضل ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 يقين آهي تہ هو ٺٺولي ڪندڙن تي ٺٺولي ٿو ڪري، پر هو نماڻن تي فضل ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:34
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.


پاڪ ماڻهن سان تون پاڪائيءَ واري هلت ٿو ڪرين، پر جيڪي ڏنگا ماڻهو آهن تن سان تون بہ ڏنگو ٿو هلين.


سو جڏهن اوهان تي ڪا مصيبت ايندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کلنديس، ۽ جنهن وقت اوهان کي دهشت وٺي ويندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کل ٺٺوليون ڪنديس.


بي‌عقل ماڻهو گناهہ ڪرڻ کان روڪڻ تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، مگر جيڪي سڌي راهہ تي ٿا هلن تن سان خدا راضي ٿو رهي.


مغرورن سان گڏ لٽ ڦر جو مال ويهي ورهائڻ کان غريبن سان گڏ نهٺو ٿي گذارڻ وڌيڪ بهتر آهي.


ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙن لاءِ سزا تيار آهي، ۽ بي‌وقوفن جي پٺيءَ لاءِ چهبڪ.


هٺيلو ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مغروريءَ سان ٿو هلي، تنهن کي هر ڪو ڏاهپ جو ويري ٿو سمجھي.


جيڪڏهن اوهين ڏاها آهيو تہ انهيءَ جو اوهان کي ئي فائدو رسندو. پر جيڪڏهن اوهين هٺيلا آهيو تہ انهيءَ مان نقصان بہ اوهان جو ئي ٿيندو.“


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ