Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:33 - Muslim Sindhi Bible

33 بدڪارن جي گھرن تي خداوند جي لعنت ٿي وسي، پر سچارن جي گھرن تي هو پنهنجيون برڪتون نازل ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 خداوند جي لعنت شريرن جي گهر ۾ آهي؛ پر سچن جي رهڻ جي جاءِ تي هو برڪت وجهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:33
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها ٽن مهينن تائين اتي ئي رهي. خداوند عوبيد‌ادوم ۽ سندس سڄي گھراڻي کي برڪت عطا ڪئي.


”اي ايوب! ياد رک تہ بدڪار ماڻهو پاڻيءَ تي وهندڙ هڪڙي ڪک کان وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ آهن. جنهن زمين تي هو رهن ٿا، تنهن تي خدا لعنت ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن جي انگورن جي باغن ۾ پڻ ڪو ڪم نہ ٿو ٿئي.


بيشڪ، زناخوري هڪڙي اهڙي باهہ آهي، جيڪا ساڙي چٽ ڪيو ڇڏي، اها منهنجي هر شيءِ کي جيڪر پاڙؤن ناس ڪري ڇڏي ها.


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


خداوند جن کي برڪت ٿو ڏئي سي ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ جن تي هو لعنت ٿو ڪري سي برباد ٿي ويندا.


سو هاڻي اوهان تي ڪابہ مصيبت ڪانہ ايندي، نڪي وري ڪابہ آفت اوهان جي گھر جي ويجھو ايندي.


سچار ماڻهوءَ جي هر ڪو واکاڻ ٿو ڪري. بدڪار بہ پنهنجي زبان سان تہ سندس واکاڻ ڪن ٿا، پر سندن دل ۾ بڇڙائي آهي.


بدڪارن جون پڪيون جايون برباد ٿي وينديون، جڏهن تہ سچارن جون جھڳيون بہ قائم وَ دائم رهنديون.


سچار ماڻهوءَ جي سچائي کيس دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي دولت کيس ڏکيائيءَ ۾ وجھيو ڇڏي.


سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو.


تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


لعنت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا ۽ جنهن رستي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تنهن کان ڦري غير معبودن جي پٺيان لڳندا، جن کان اڃا تائين اوهين واقف ڪونہ آهيو.


اوهين بتن جي ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گھر ۾ نہ آڻجو، نہ تہ اوهين بہ انهن وانگر لعنتي ٿيندا. اوهين انهن کان سخت نفرت ڪجو ۽ انهن کي غلاظت ڪري ڄاڻجو، ڇاڪاڻ تہ اهي لعنتي آهن.“


پر اوهين خداوند جي راهہ ۾ انهن فنا ڪرڻ وارين مخصوص شين کان پاڻ کي پري رکجو، متان انهن مان ڪا شيءِ کڻي پاڻ تي ۽ بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ تي تباهي آڻيو.


سو تون اُٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پاڪ ڪر. کين چئُہ تہ سڀاڻي منهنجي اڳيان اچڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪن. آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا هيئن چوان ٿو تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان وٽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص شيون آهن. جيستائين اوهين اهي پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي ڪين سگھندا.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ