Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:27 - Muslim Sindhi Bible

27 جڏهن بہ ڪنهن کي اوهان جي مدد جي ضرورت پوي، تڏهن اوهين انهيءَ جي هرممڪن مدد ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 جن سان ڀلائي ڪرڻ حق آهي، تن کان اُها متان روڪين، جڏهن اها تنهنجي هٿ وسيڪي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو منهنجي وس ۾ آهي تہ آءٌ تو کي ڪنهن بہ تڪليف ۾ وجھي ڇڏيان، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون کي چيو تہ ’خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.‘


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.


تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي ايمان رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


جڏهن اوهين انهيءَ کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏيو، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏجو.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ