25 سو اوهان کي انهن اوچتين مصيبتن جو ڪوبہ فڪر ڪونہ هوندو، جيڪي بدڪارن تي طوفان جيان اچي ڪڙڪن ٿيون.
25 اوچتي خوف کان متان ڊڄين، نڪي شريرن جي خرابيءَ جي اچڻ کان:
ڪابہ بري خبر کين ڊيڄاري نہ سگھندي، ڇاڪاڻ تہ هو پختيءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رکن ٿا.
پوءِ ڪيئن نہ اهي اک ڇنڀ ۾ برباد ٿي وڃن ٿا. هائو، اهي خوف وچان بلڪل فنا ٿي وڃن ٿا.
پوءِ اوهين نڪي رات جي هيبت کان ڊڄندا، ۽ نہ وري انهن تيرن کان، جيڪي ڏينهن جو هلايا ويندا هجن.
هائو، جڏهن دهشت اوهان مٿان طوفان جيان اچي ڪڙڪندي، ۽ مصيبت، تنگي ۽ ڏک اوهان کي خوفناڪ واچوڙي جيان اچي وڪوڙيندا،
انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.
تڏهن هر ڪو ماڻهو بيخوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادرمطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.
آءٌ پنهنجي ملڪ تي نظرداري ڪري رهيو آهيان، سو اڳتي ڪوبہ ڦورو ٽولو ان کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، نڪي وري ڪو ظالم منهنجي قوم کي لتاڙي سگھندو.“
”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،
اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇاڪاڻ تہ پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اها اڃا پڄاڻي نہ هوندي.
پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوهان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آهي؟“
بلڪ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏهن گھٻرائجو نہ، ڇو تہ اهي ڳالهيون پهريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.“
پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.
پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.