سخت پورهيو ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ سڪون واري ٿئي ٿي، توڙي جو انهيءَ کي کائڻ لاءِ ٿورو ڪجھہ ئي ڇو نہ ملي. پر دولتمند کي دولت جي گھڻائي آرام واري ننڊ سمهڻ نہ ٿي ڏئي.
جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو.