23 بلڪ اوهين بيخوف وَ خطر پنهنجي راهہ تي هلندا رهندا ۽ ڪڏهن بہ ٺوڪر نہ کائيندا.
23 تڏهن تون پنهنجي رستي تي صحيح سلامت هلندين، ۽ تنهنجو پير نہ آٿڙندو.
جيڪي تنهنجي شريعت کي چاهين ٿا، تن لاءِ جھجھي سلامتي ۽ خوشحالي آهي. اهي ڪڏهن ڪو ٿاٻو بہ نہ کائيندا.
ڪاهن هيئن ٿو چوي تہ ”خداوند تنهنجو اهڙو محافظ آهي، جنهن کي ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو. اهو تنهنجي پيرن کي ترڪڻ نہ ڏيندو.
خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“
هنن جي دل ۾ پنهنجي خدا جي شريعت آهي، تنهنڪري هو ڪڏهن بہ ڪو غلط قدم نہ ٿا کڻن.
جيڪو ماڻهو هميشہ ايمانداريءَ سان ٿو هلي، سو سلامتيءَ سان ٿو رهي، مگر جيڪو بيايماني ٿو ڪري سو نيٺ پڪڙ ۾ ٿو اچي.
هائو، اهي جيڪي سندس نيڪ بندا آهن ۽ ٻين سان انصاف سان ٿا هلن، تن جي هو حفاظت ۽ نگهباني ٿو ڪري.
سو جڏهن اوهين ڏاهپ سان قدم کڻندا تہ اوهان جي رستي ۾ ڪابہ رڪاوٽ نہ ايندي. هائو، ڀلي اوهين ڊوڙندا رهو تہ بہ ٿاٻو نہ کائيندا.
جيڏانهن اوهين ويندا تہ انهن جون نصيحتون اوهان جي رهنمائي ڪنديون، جڏهن اوهين سمهندا تہ اهي اوهان جي نگهباني ڪنديون ۽ ڏينهن جو جڏهن اوهين جاڳيل هوندا تہ اهي اوهان کي سهڻيون صلاحون ڏينديون.
انهن مان ڪوبہ نہ ٿڪبو ۽ نہ وري ٿاٻڙبو، نڪي ڪو جھوٽو کائيندو ۽ نہ وري ڪو سمهندو. نہ انهن جي چيلهہ جا ڪمربند کُلي پوندا، نہ وري سندن جتين جا تسما ٽٽندا.
هو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو، جيئن ڪو گھوڙو بنا ڪنهن ٺوڪر کائڻ جي سڌي ميدان تي هلي ٿو.
آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس، ۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“