22 اهي اوهان کي هڪ ڊگھي ڄمار ۽ خوشحال زندگي بخشينديون.
22 جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.
سندن نصيحت اوهان جي عظمت ۽ شان لاءِ اوهان جي مٿي جي تاج ۽ گلي جي سهڻي هار مثل هوندي.
عقلمند انسان لاءِ عقل حياتي بخشيندڙ چشمو آهي، مگر بيعقل بيوقوفيءَ جي تربيت حاصل ڪري ٿو.
جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
سچار ۽ رحمدل ماڻهو نيڪي، عزت ۽ ڊگھي ڄمار ماڻيندا آهن.
منهنجي ڏنل سکيا تي سدائين ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ کان هيڏي هوڏي نہ ڦرو. انهيءَ کي محفوظ رکو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي زندگيءَ جو بنياد آهي.
انهيءَ سبب جو جيڪي انهن جي جستجو ڪن ٿا، تن کي انهن مان سٺي صحت ۽ ڀرپور زندگي ٿي ملي.
انهيءَ سبب جو جيڪو مون کي ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجي حياتي ٿو حاصل ڪري. بيشڪ اهو ئي خداوند جو فضل حاصل ڪندو.
اي پروردگار! تنهنجيون ڳالهيون ۽ تنهنجا ڪم مون سميت هر ڪنهن کي حياتي ٿا بخشين. سو تو ئي مون کي چڱو ڀلو ڪيو آهي، ۽ نئين حياتي بخشي اٿيئي.
اهي ڳالهيون اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهن، بلڪ اهي اوهان جي زندگي آهن. مٿن عمل ڪرڻ جي ڪري اوهين انهيءَ ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين رهندا، جنهن تي اوهين قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو.“