Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ۽ سمجھہ تي پوريءَ طرح قائم رهو ۽ انهن کان پاڻ کي پري نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 اي منهنجا پٽ، انهن کي پنهنجين اکين کان پري وڃڻ نہ ڏي؛ پوري ڏاهپ ۽ سياڻپ جي سنڀال رکج؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:21
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا.


ميل ميلاپ نہ رکندڙ ماڻهو رڳو پنهنجي خواهشن لاءِ سوچي ٿو، بلڪ اهو هر انهيءَ ڳالهہ کي ڌڪاري ٿو، جيڪا عام سمجھہ واري ڳالهہ آهي.


جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.


جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي.


انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ وسارجو، بلڪ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکجو.


ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اها تنهنجي حفاظت ڪندي. انهيءَ سان محبت رک، اها تنهنجي نگهباني ڪندي.


تہ جيئن مناسب هلت ڪرڻ بابت ڄاڻو ۽ اوهان جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿئي تہ اوهين ڄاڻ رکو ٿا.


آءٌ ماڻهن ۾ سٺي سوچ پيدا ڪريان ٿي، ۽ سٺي ڪم ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ٿي ڪريان. مون وٽ ئي سمجھہ ۽ طاقت آهي.


پوءِ جن يهودين مٿس ايمان آندو هو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.


هاڻ جيڪو ڪجھہ اوهان شروع کان ٻڌو آهي، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪڏهن اهو اوهان ۾ قائم رهيو تہ اوهين بہ فرزند ۽ پيءُ ۾ قائم رهندا.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ