20 هن جي ڏاهپ جي وسيلي زمين جي اونهاين وارو پاڻي نڪري نهرن جي صورت ۾ وهي ٿو، ۽ ڪڪر آسمان مان برسات ٿا وسائين.
20 هن جي علم سان سمنڊ ڦاٽي نڪتا، ۽ آسمان مان ماڪ پوي ٿي.
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي هيٺان جيڪو پاڻي آهي سو سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي تہ جيئن خشڪي ظاهر ٿئي.“ سو ائين ئي ٿيو.
شل خدا تو کي آسمان جي ماڪ، زمين جي زرخيزي، جھجھو اناج ۽ مئي ڏئي.
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.
آءٌ ان وقت پيدا ڪئي ويئي هئس، جڏهن اڃا وڏا سمنڊ بہ ڪين هئا، نڪي پاڻيءَ سان وهندڙ چشما ئي هئا.
ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“
اي صيئون جا رهاڪؤ! اوهين سرها ٿيو ۽ خوشيون ملهايو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ گھڻو ڪجھہ ڪندس. آءٌ اوهان تي مندائتا مينهن وسائيندس. هائو، آءٌ اوهان جي لاءِ آڳاٽا توڙي پاڇاٽا مينهن هميشہ وانگر پوريءَ مند تي وسائيندس.
سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين انهيءَ ملڪ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، جيڪو جھجھي اناج ۽ مئي سان ڀريل آهي، ۽ جنهن تي آسمان مان ماڪ وسندي پيئي رهي.