19 بيشڪ خداوند ڏاهپ سان ڌرتيءَ جي جوڙجڪ ڪئي، ۽ نهايت سمجھہ سان آسمان کي قائم ڪيائين.
19 خداوند ڏاهپ سان زمين جو بنياد وڌو؛ سمجهہ سان هن آسمان قائم ڪيا.
جڏهن مون ڌرتيءَ جا بنياد وڌا هئا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جيڪڏهن تون موجود هئين تہ مون کي انهيءَ ڳجھہ بابت ڪجھہ ٻڌاءِ.
اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي.
انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏاهپ سان آسمانن کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.
ڏاهپ چوي ٿي تہ ”اڳي، گھڻو اڳي جڏهن خداوند هر شيءِ کي بڻائڻ وارو هو، تڏهن هن سڀني کان اڳ ۾ مون کي پيدا ڪيو هو.
خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.
سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي.