17 ڏاهپ زندگيءَ ۾ خوشيون ٿي آڻي ۽ امن وَ سلامتيءَ جي راهہ ٿي ڏيکاري.
17 اُن جا رستا خوشيءَ جا رستا آهن، ۽ اُن جون سڀ واٽون سلامتيءَ جون آهن.
خداوند جي واکاڻ ڪريو. سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، ۽ خوشيءَ سان سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا.
تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڪيڏيون نہ مٺڙيون آهن، هائو، منهنجي وات جي لاءِ اهي ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺيون آهن.
تنهنجي حڪمن تي هلندي مون کي ايڏي خوشي ملي ٿي، جيڏي گھڻي دولت جي ڪري ٿئي ٿي.
جيڪي تنهنجي شريعت کي چاهين ٿا، تن لاءِ جھجھي سلامتي ۽ خوشحالي آهي. اهي ڪڏهن ڪو ٿاٻو بہ نہ کائيندا.
اي خداوند! سخت اوسيئڙو اٿم، تون اچي مون کي بچاءِ. تنهنجي شريعت ئي منهنجي خوشين جو سبب آهي.
مون کي تنهنجا حڪم پيارا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان مون کي خوشي حاصل ٿئي ٿي.
اي خداوند! جيڪي تنهنجي عهد تي، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿا ڪن، تن جي تون وفا ۽ دائمي شفقت سان رهنمائي ٿو ڪرين.
پر جيڪي خدا جا تابعدار آهن، سي ملڪ جا وارث ٿيندا. اهي جھجھي سلامتيءَ سان گڏ خوشحالي ماڻيندا رهندا.
جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.
اوهين ڏاها ٿي پوندا ۽ اوهان جي سمجھہ اوهان کي خوشيون ڏيندي.
ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اوهين اهي قول چڱيءَ طرح ياد رکو تہ جيئن ڪنهن کي هڪدم ٻڌائي سگھو.
بيشڪ خداوند انهن کي پوري پوري سلامتي بخشي ٿو، جيڪي هر حال ۾ مٿس ئي توڪل رکندڙ آهن.
جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.
جيڪا سلامتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“
جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.