16 ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.
16 عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.
انهيءَ کان سواءِ جيڪي تو نہ گھريو آهي سو بہ آءٌ تو کي ڏيان ٿو، يعني دولت ۽ عزت، انهيءَ ڪري تہ تنهنجي هوندي ٻيو ڪوبہ بادشاهہ تو جهڙو نہ هجي.
ڇا تون هن تي اعتبار ڪري ٿو سگھين تہ هو تنهنجو اناج گھر کڻي ايندو؟ ڇا تو کي يقين آهي تہ هو تنهنجي ٻنيءَ جو فصل ميڙي ڳاهہ جي پِڙ تي گڏ ڪندو؟“
سندن گھراڻن ۾ دولت ۽ خوشحالي هوندي. بيشڪ مٿن ابد تائين سندس سخاوت قائم رهندي.
هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس.
مون کي ٻڍاپي جي وقت تي تون ڇڏي نہ ڏج. هائو، انهيءَ هيڻائيءَ جي وقت مون کي وساري نہ ڇڏج.
نماڻائيءَ ۽ خداوند جي فرمانبرداريءَ جو اجر دولت، عزت ۽ ڊگھي ڄمار آهي.
اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون.
آءٌ ڏاهپ آهيان، جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪندا تہ وڏي حياتي ماڻيندا.
تہ ان کي هن ئي آخري زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.
اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.
انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.