13 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي ڏاهپ حاصل آهي ۽ جيڪي سمجھہ رکن ٿا.
13 سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جو ڏاهپ لهي ٿو، ۽ اُهو ماڻهو جو سمجهہ حاصل ڪري ٿو.
اها چاندي ڏيئي بہ خريد نہ ٿي ڪري سگھجي، نڪي سون ئي ان جي قيمت بڻجي سگھي ٿو.
انهيءَ سان گڏ مرجان ۽ بلور جو ذڪر بہ نہ ٿو ڪري سگھجي. هائو، ڏاهپ جي ٿيلهي هيرن جواهرن جي ٿيلهيءَ کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي.
نہ سوڊان جو پکراج انهيءَ جي برابري ڪري سگھي ٿو، نڪي نج سون ئي ان جو عيوض ٿي سگھي ٿو.
تنهنجي زبان جا اهي حڪم مون لاءِ سون چانديءَ جي هزارين سڪن کان بہ وڌيڪ افضل آهن.
ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.
ميل ميلاپ نہ رکندڙ ماڻهو رڳو پنهنجي خواهشن لاءِ سوچي ٿو، بلڪ اهو هر انهيءَ ڳالهہ کي ڌڪاري ٿو، جيڪا عام سمجھہ واري ڳالهہ آهي.
اوهين ڏاهپ کي ائين ڳوليندا رهو، جيئن سون چانديءَ يا ڪنهن لڪل خزاني جي ڳولا ڪبي آهي.
جن ماڻهن کي سمجھہ آهي، تن جي نظر ۾ اهي سڀ ڳالهيون درست آهن. هائو، ڄاڻ وارن ماڻهن آڏو اهي بلڪل سچيون آهن.
نڪي اهو سمنڊ جي پرينءَ ڀر آهي جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘