Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 3:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ سبب جو جهڙيءَ طرح والدين پنهنجن پيارن ٻارن کي سڌارڻ لاءِ سيکت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ کي ئي سيکت ڏئي ٿو، جنهن سان هو پيار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو جنهن کي خداوند پيار ڪري ٿو تنهن کي فهمائش ڏئي ٿو؛ جيئن ڪو پيءُ پٽ کي ڪري، جو هن کي وڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 3:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن جي مٿان ڪهل ڪري ٿو، تيئن ئي خداوند انهن تي ڪهل ڪري ٿو، جيڪي سندس خوف رکن ٿا.


اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.


جيڪو پنهنجي ٻار تي لڪڻ نہ ٿو کڻي، سو ڄڻ پنهنجي ٻار کان نفرت ٿو ڪري. مگر جنهن کي پنهنجي ٻار سان محبت آهي، سو انهيءَ کي بروقت سيکت ٿو ڏئي.


اي والدين! پنهنجي ٻارن جي صحيح نموني تربيت ڪريو، تہ اهي اوهان کي ڪڏهن بہ پريشان نہ ڪندا. بلڪ انهن جي ڪري اوهان کي دلي سڪون ملندو.


اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.


ڏس، خداوند جنهن سان محبت ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ