11 اي منهنجا ٻارؤ! اوهين خداوند جي سيکت کي حقير نہ ڄاڻو، نڪي هن جي تنبيهہ کان بيزار ٿيو.
11 اي منهنجا پٽ، خداوند جي سيکت کي نہ ڌڪار؛ نڪي هن جي فهمائش، کان بيزار ٿيءُ:
پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين!
”ياد رک، اهو ماڻهو سڀاڳو آهي، جنهن کي خدا تنبيهہ ڪري ٿو. تنهنڪري تون قادرِمطلق خدا جي سيکت کي نہ ڌڪار.
اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.
اهو ماڻهو ڪمزور ليکيو وڃي ٿو، جيڪو مصيبت جي وقت ڪمزور ٿيو پوي.
پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.
سو اسان رسولن کي خدا جي رحم سان هيءَ خدمت ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.
اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.
هائو، جنهن هستيءَ گنهگارن جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.
آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہتائب ٿيو.