Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 29:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪو ماڻهو ٻين جي اجائي خوشامند ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڦندو ٿو اڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي خوشامد ڪري ٿو، سو پنهنجي پيرن جي لاءِ ڦندو پکيڙي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 29:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇوجو چوڻي آهي تہ ’جيڪو ڪنهن کان پئسا وٺي پنهنجي دوست سان دغا ٿو ڪري، تنهن جي اولاد جي اکين آڏو مصيبتون ئي مصيبتون هونديون.‘


هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


هو اهو سمجھي پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿا ڏين تہ ”اسان جي بدڪاري خدا ڏسي ئي نہ ٿو، سو هو اسان کي انهيءَ جي سزا نہ ڏيندو.“


بيشڪ منهنجي دشمنن جي وات ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. هو دل ۾ رڳو تباهي ٿا رکن. هو پنهنجي زبان سان خوشامند ڪن ٿا، پر سندن وات مان نڪتل ڳالهيون ٻين لاءِ موت آهن.


اوهين اهڙي پکيءَ وانگر ٿيو، جيڪو پنهنجي آڏو ڄار کي ڦهليل ڏسي اڇلايل داڻن کان پاڻ کي پري ٿو رکي.


چغلخور ماڻهو راز کي راز ۾ رهڻ نہ ٿو ڏئي، تنهنڪري اهڙي بڪواسي ماڻهوءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.


خوشامندي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو ٻين کان نفرت ڪندي کين مصيبت ۾ ٿا وجھن.


خوشامند ڪرڻ واري کان، سيکت لاءِ تنبيهہ ڪرڻ واري جي آخرڪار وڌيڪ تعريف ڪئي ويندي.


مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کيس موهي وڌو ۽ پنهنجي چاپلوسيءَ وارين ڳالهين سان کيس ڌتاري ورتائين.


تہ جيئن اهي اوهان کي انهن پراين زالن کان بچائين، جيڪي ڌتارڻ واريون ڳالهيون ڪنديون آهن.


هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. خدا انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.


سائول جي عملدارن اهي ڳالهيون وڃي دائود جي ڪن ۾ وڌيون. دائود کين ورندي ڏني تہ ”مون جهڙي غريب ۽ حقير ماڻهوءَ لاءِ بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ تمام وڏي ڳالهہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ