Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 29:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جنهن کي ڏاهپ سان پيار آهي، تنهن جا والدين خوش ٿا ٿين، مگر جيڪو ڪسبياڻين سان صحبت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جو مال ملڪيت برباد ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جنهن جي ڏاهپ سان محبت آهي سو پنهنجي پيءُ کي خوش ڪري ٿو، پر جيڪو ڪسبياڻين سان سنگت ٿو رکي سو پنهنجو مال ملڪيت ضايع ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 29:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي سليمان جون چوڻيون آهن. داناءَ ٻار پنهنجي والدين جي خوشيءَ جو سبب ٿا بڻجن، مگر نادان ٻار سندن ڏک جو باعث بڻجن ٿا.


ڏاهن ٻارن مان والدين خوش ٿا رهن، مگر بي‌عقل پنهنجي والدين کي ڏک ٿا رسائين.


عياش ماڻهو ڪنگال ٿي ويندو، هائو، جيڪو عيش عشرت جو ڪوڏيو آهي، سو ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندو.


عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بي‌وقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.


اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهين عقلمند ٿيندا، تہ مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.


اي منهنجا ٻارؤ! ڏاها بڻجي منهنجي دل کي خوش ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ طعني هڻندڙ کي آءٌ جواب ڏيئي سگھان.


ٻنيءَ مان محنتي هاريءَ کي جھجھو کاڌو خوراڪ حاصل ٿئي ٿو، مگر جيڪو سُستيءَ وچان اجايو وقت ٿو وڃائي، سو هميشہ ڪنگال رهي ٿو.


شريعت تي عمل ڪندڙ ٻار عقلمند ٿئي ٿو، مگر جيڪو لوفرن سان سنگت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جي خواريءَ جو سبب ٿو بڻجي.


ياد رکو، ڪسبياڻين جي چڪر ۾ اچي ماڻهو مانيءَ جي ٽڪر جو محتاج بڻجيو پوي، جڏهن تہ ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري قيمتي حياتيون ڳڙڪايو ڇڏي.


اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.


جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ