Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 29:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جڏهن سچا گهڻا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو خوش ٿين ٿا، پر جڏهن ڪو شرير ماڻهو حاڪم ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو آهون ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 29:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شاهي حڪم موجب قاصد هڪدم روانا ٿي ويا ۽ اهو حڪم سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ بہ فوراً پڌرو ڪيو ويو. هوڏانهن شهنشاهہ ۽ هامان گڏ ويٺي مئي پئي پيتي، پر سوسن شهر جا رهواسي ڏاڍا پريشان ٿي ويا.


تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


انهيءَ لاءِ تہ خدا کي رد ڪندڙ حڪومت نہ ڪن، ۽ ڪوبہ ماڻهو خلق کي ڦندي ۾ نہ ڦاسائي.


سچارن جي خوشحاليءَ تي پورو شهر خوش ٿو ٿئي، جڏهن تہ بدڪارن جي موت تي خوشيون ملهايون ٿيون وڃن.


جڏهن ايماندار ماڻهو فتحياب ٿين ٿا، تڏهن قوم جي شان وَ شوڪت وڌي ٿي. مگر جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن.


غريبن مٿان بدڪار حڪمران ائين آهي، جيئن شڪار لاءِ بکايل بگھڙ يا ڦرندڙ رڇ.


جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن. مگر جڏهن بدڪارن کان سچار حڪمراني کسي ٿا وٺن، تڏهن سچار ماڻهن ۾ واڌارو اچيو وڃي.


هن دنيا ۾ هڪڙي ٻي ناانصافي مون ڏٺي، ۽ اها اهڙي غلطي آهي جيڪا حڪمرانن کان ٿئي ٿي،


جو بي‌عقلن کي اعليٰ رتبو عطا ڪيو ٿو وڃي، جڏهن تہ وڏن وڏن اميرن کي خوار خراب ڪيو ٿو وڃي.


تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


هيروديس بادشاهہ جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا.


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ