Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 29:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن ڏنگا ماڻهو طاقت ۾ اچي وڃن ٿا، تڏهن ڏوهہ وڌي وڃن ٿا. تنهن هوندي بہ سچار ماڻهو هڪڙي ڏينهن انهن جي تباهي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جڏهن شرير وڌن ٿا تڏهن گناهہ وڌي ٿو: پر سچا انهن جي تباهي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 29:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اهي ڊڄڻ وارا ناهن، بلڪ خدا تي سندن يقين ايترو تہ پختو آهي، جو اهي پنهنجي دشمنن کي خوار خراب ٿيندو ڏسندا.


سو اوهين خداوند تي توڪل رکو، ۽ سندس واٽن تي هلندا رهو. هو اوهان کي سرفراز ڪندو ۽ ملڪ جو وارث بڻائيندو، پوءِ اوهين ويٺا ڏسندا تہ ڪيئن نہ بڇڙن کي برباد ڪيو ٿو وڃي.


پر پوءِ جڏهن آءٌ انهيءَ وٽان لنگھيس، تڏهن ڏٺم تہ اهو هو ئي ڪين. مون انهيءَ جي ڳولا ڪئي پر مون کان لڌو ئي ڪين.


سچار جڏهن اهو بدلو ڏسندا تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ بدڪارن جي رت ۾ پنهنجا پير ٻوڙيندا.


اوهين رڳو پنهنجي اکين سان ويٺا ڏسندا. هائو، اوهين ڏسجو تہ بدڪارن کي ڪهڙو بدلو ٿو ملي.


منهنجي اکين منهنجي دشمنن جو حشر ڏٺو آهي، ۽ منهنجي ڪنن انهن مخالف بدڪارن جو روڄ راڙو ٻڌو آهي.


جڏهن تہ اي خداوند! تنهنجا بدڪار دشمن ڪڻو ڪڻو ڪيا ويندا، بلڪ انهن سڀني کي برباد ڪيو ويندو.


سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو.


جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ