Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 28:5 - Muslim Sindhi Bible

5 بدڪار ماڻهو ڄاڻن ئي نہ ٿا تہ انصاف جو مطلب ڇا آهي، مگر خداوند جا طالبو انهيءَ کي پوريءَ طرح ٿا سمجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 خراب ماڻهو انصاف نٿا سمجهن، پر جيڪي خداوند جا طالب آهن سي سڀ ڳالهيون سمجهن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 28:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي وڏي عمر وارن کان بہ وڌيڪ سمجھہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهان ٿو.


هائو، اهي حڪم هميشہ مون سان گڏ آهن، جن مون کي منهنجي دشمنن کان وڌيڪ داناءُ بڻايو آهي.


اي خداوند! جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، تن کي تون پنهنجي راز ۾ شامل ٿو ڪرين، ۽ انهن سان ٻڌل پنهنجو عهد پورو ڪرين ٿو.


هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بي‌وقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ


عقلمند ماڻهو اهڙو رستو اختيار ٿا ڪن، جيڪو کين زندگيءَ ڏانهن وٺيو وڃي. هو اهو رستو نہ ٿا وٺن جيڪو موت ڏانهن وٺيو وڃي.


سو ڏاهپ سان ئي اوهين ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ کي بلڪ هر چڱي راهہ کي سمجھي سگھندا.


ڏاهپ واريون ڳالهيون بي‌وقوفن جي سمجھہ کان گھڻو مٿي آهن. اهم معاملن بابت صلاح مشوري وقت هو ڪا سٺي صلاح نہ ٿا ڏيئي سگھن.


جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“


اهڙا ماڻهو بي‌وقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن.


تڏهن خداوند فرمايو تہ ”وڃ، هن قوم کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’بيشڪ اوهين منهنجو پيغام ٻڌو تہ ٿا پر سمجھو نہ ٿا، بيشڪ اوهين منهنجا ڪم ڏسو تہ ٿا پر پروڙيو نہ ٿا.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ