Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 28:23 - Muslim Sindhi Bible

23 خوشامند ڪرڻ واري کان، سيکت لاءِ تنبيهہ ڪرڻ واري جي آخرڪار وڌيڪ تعريف ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جيڪو ڪنهن ماڻهو کي ملامت ڪري ٿو، سو انهي کان زيادہ مان لهندو جو زبان سان خوشامد ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 28:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ناتن دائود کي چيو تہ ”اهو ماڻهو تون ئي آهين. خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون ئي تو کي مسح ڪري بني اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو ۽ تو کي سائول جي هٿان پڻ ڇڏايم.


بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ناتن نبي آيو آهي. جڏهن ناتن نبي بادشاهہ جي اڳيان آيو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين.


آءٌ ڪنهن بہ انسان جو لحاظ نہ ڪندس، نڪي ڪنهن ماڻهوءَ جي خوشامند ئي ڪندس.


آءٌ خوشامند ڪرڻ ڄاڻان ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان ها تہ منهنجو خالق مون کي سگھو کڻي وٺي ها.


سچار ماڻهو ڀل مون کي جھڻڪن بلڪ کڻي مار بہ ڏين، اها آءٌ سندن مهرباني سمجھندس. پر بڇڙن سان واسطو رکڻ سان توڙي جو وڏو مان ملي، سو بہ مون کي قبول ناهي. اٽلندو انهن جي بڇڙاين خلاف آءٌ دعا گھرندو رهندس.


مگر جيڪو ڏوهاريءَ کي سزا ٿو ڏئي، تنهن کي چڱائي حاصل ٿيندي، ۽ مٿس برڪتون نازل ٿينديون.


جيڪو ماڻهو ٻين جي اجائي خوشامند ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڦندو ٿو اڏي.


”جيڪڏهن اوهان جو ڪو هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ هم‌ايمان کي موٽائي آندو.


پر هڪ دفعي جڏهن پطرس انطاڪيا شهر ۾ آيو تہ مون آمهون سامهون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو صفا غلطيءَ تي هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ