Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 28:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ملڪ اندر گھرو لڙائيءَ جي وقت تي گھڻا ئي ماڻهو بغاوت ڪندي حڪمران بڻجيو وڃن، مگر سمجھہ ۽ ڄاڻ وارو هڪڙو ئي حڪمران امن وَ سڪون بحال ڪريو وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ملڪ ۾ ڏوهن هئڻ ڪري انهي جا گهڻائي بادشاهہ آهن، مگر سمجهہ ۽ علم وارن ماڻهن جي ڪري انهي جو انتظام گهڻي تائين هلندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 28:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال ۾ ندب ولد يربعام اسرائيل جو بادشاهہ ٿيو ۽ هن اسرائيل تي اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪئي.


بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال بعشا ندب کي ماري پاڻ هن جي جاءِ تي اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


سچارن کي جڏهن خدا برڪت ڏئي ٿو تہ شهر جي ترقي ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي ڳالهين جي ڪري اهو شهر برباد ٿيو وڃي.


اتي ئي هڪڙو ڏاهو ماڻهو رهندو هو، جيڪو تمام غريب هو. هن پنهنجيءَ ڏاهپ سان انهيءَ شهر کي بچايو. انهيءَ هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو غريب ماڻهو ياد ئي نہ رهيو.


اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا، جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن. سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘ ۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا، ۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ