Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 28:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ٻنيءَ مان محنتي هاريءَ کي جھجھو کاڌو خوراڪ حاصل ٿئي ٿو، مگر جيڪو سُستيءَ وچان اجايو وقت ٿو وڃائي، سو هميشہ ڪنگال رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 جيڪو پنهنجي زمين کي پوکي ٿو تنهن کي مئو ماني ملندي، پر جيڪو اجاين ماڻهن جي پٺيان ٿو لڳي سو گهڻو ڪنگال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 28:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.


ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.


جتي هر ڪاهڻ لاءِ ڏاند ناهن، اتي گدام اناج کان خالي ٿا رهن، مگر ڏاندن جي هجڻ سان جھجھو اناج حاصل ڪري ٿو سگھجي.


جيڪو سدائين ننڊون ٿو ڪري سو محتاج بڻجيو وڃي، مگر جيڪو سجاڳ رهي محنت ٿو ڪري، تنهن وٽ ڪا کوٽي ڪانهي.


تڏهن ياد رکو، اوهين ننڊ ۾ ئي هوندا تہ غريبي اوهان تي ڪنهن رهزن وانگر اچي ڪڙڪندي. هائو، مفلسي اوهان تي ڪنهن هٿياربند ڌاڙيل جيان اچي حملو ڪندي.


هنن بعل‌بريت ديوتا جي مندر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آڻي ابيملڪ کي ڏنا، جن سان هن ڪي لچا‌لفنگا ماڻهو ڀاڙي ڪيا جيڪي سندس پوئلڳ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ