17 جيڪو خون جو ڏوهاري آهي، تنهن جي اوهين مدد نہ ڪريو. اهو جلدي وڃي قبر ۾ پوندو.
17 جنهن ماڻهو جي سر تي ٻئي جو خون آهي، سو ڀڄي وڃي کڏ ۾ پوندو: انهي کي ڪوبہ نہ روڪي.
جڏهن تون زمين تي هر هلائيندين تڏهن انهيءَ مان تو کي ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو. تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.“
جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.
انهيءَ وچ ۾ ابيسلوم ڀڄي نڪتو. هوڏانهن جنهن ماڻهوءَ پهرو ٿي ڏنو تنهن جڏهن ڏٺو تہ جبل واري پاسي کان ماڻهن جو هڪڙو وڏو ميڙ پيو اچي، تڏهن هن اها ڳالهہ بادشاهہ کي وڃي ٻڌائي.
تڏهن يوآب جا ڏهہ هٿياربند محافظ بہ ابيسلوم جي چوڌاري ڦري آيا ۽ کيس وڌيڪ ڌڪ هڻي ماري وڌائون.
بادشاهہ سليمان کي ٻڌايو ويو تہ يوآب ڀڄي خداوند جي خيمي وٽ قربانگاهہ جي ڀر ۾ وڃي بيٺو آهي. تڏهن سليمان يهويدع جي پٽ بناياہ کي حڪم ڏيئي موڪليو تہ ”وڃي کيس ماري ڇڏ.“
انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“
ايزبل جي باري ۾ پڻ خداوند فرمائي ٿو تہ ’يزرعيل شهر جي ڪوٽ جي ڀرسان ايزبل جي لاش کي ڪتا چيري ڦاڙي کائي ڇڏيندا.
’مون ڪالهہ نابوت ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو. سو آءٌ بہ واعدو ٿو ڪريان تہ تو کان بہ هن ساڳي ئي هنڌ تي بدلو وٺندس.‘“ ييهوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻي هن جو لاش کڻي انهيءَ زمين ۾ اڇلائي ڇڏ تہ جيئن جيڪي خداوند فرمايو هو سو پورو ٿئي.“
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻيواڻي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ماري ٿو وجھي، تہ پوءِ توڙي اهو منهنجي قربانگاهہ وٽ پناهہ وڃي وٺي تہ بہ کيس اتان پري ڪيو وڃي تہ جيئن کيس ماريو وڃي.
مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بيگناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،
جڏهن تہ اسماعيل پاڻ بہ پنهنجي اٺن ساٿين سميت يوحنان وٽان کسڪي نڪتو ۽ بني عمون جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويو.
جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“
پر ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪا دشمني هجي. سو هو انهيءَ جي لاءِ وجھہ وٺي ويٺو هجي ۽ اوچتو مٿس حملو ڪري کيس اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي. پوءِ جيڪڏهن هو انهن شهرن مان هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي،